Wednesday 20 April 2016

بنگلاديش ۾ ھرسال ھڪ درياءُ سڪي ٺوٺُ ٿي وڃين ٿو

بنگلاديش ۾ هر سال هڪ درياهه سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳو

ڍاڪا:بنگلاديشي ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل اڌ صدي ۾ ملڪ ۾ سراسري طور ساليانو هڪ درياهه سڪي رهيو آهي،ماهرن مطابق بنگلاديش ۾ مناسب رٿابندي نه هئڻ سبب صاف پاڻي جي فراهمي ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هنن ٻڌايو ته بنگلاديش جي مرڪز ۾ ماضي ۾ بارال درياهه چاٽ موهر علائقي جي ويجهو کان گذرندو هو، جيڪو هاڻي خشڪ ٿي ويو آهي، ان جاءِ تي پاڻي ته آهي پر اهو وهندو ناهي،جيڪو هڪ جاءِ تي رڪيل آهي ۽ بدبودار ٿي چڪو اهي، ان درياهه جي ٻئي پار ڊيم آهي، جيڪو خالي آهي ۽ ان کي روڊ طور استعمال ڪيو پيو وڃي، بارال درياهه سان پڻ اهو ئي ٿيو،جيڪو بنگلاديش جي ٻين دريائن سان ٿي رهيو آهي، اهو سڀ 1985ع کان شروع ٿيو، جڏهن ملڪ جي اولهه واري ضلعي راج شاهي کان 45 ڪلوميٽر جي پنڌ تي واٽر ڊولپمينٽ بورڊ درياهه جو زور روڪڻ لاءِ ان تي ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، ڊيم ٺاهڻ جو مقصد دروازن ذريعي ٻوڏ جي پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ هو پر جن ماڻهن ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي،انهن درياهه جو وهڪرو روڪڻ سبب پيدا ٿيل مسئلن تي ڪو ڌيان نه ڏنو

No comments:

Post a Comment